ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ 7 کان 12 جون تائين هيٽ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ گرمي جي شدت ۾ نمايان واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب 8 جون کان هوا ۾ هاءِ پريشر سسٽم ٺهڻ جو امڪان آهي، جيڪو 11 جون تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان سبب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي جي لهر شدت اختيار ڪري سگهي ٿي.
ڪراچي ۾ 8 کان 12 جون دوران سخت گرم موسم رهڻ جو امڪان آهي، جتي وڌ کان وڌ گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. رات جي وقت به گرمي جي شدت برقرار رهڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ 8 کان 11 جون دوران گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 41 کان 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
چترال، دير، سوات ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ 8 کان 10 جون دوران گرمي پد 37 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. پوٺوهار خطي ۽ اسلام آباد ۾ پارو 41 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 44 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ 7 کان 12 جون دوران گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ مٽيءَ واريون هوائون ۽ آنديون به هلي سگهن ٿيون، جڏهن ته سخت گرمي سبب هيٽ اسٽروڪ، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين صحت جي مسئلن جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
موسميات کاتي شهرين کي صلاح ڏني آهي ته صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غيرضروري طور تي سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، گهڻي مقدار ۾ پاڻي ۽ مشروبات استعمال ڪن، جڏهن ته بزرگن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. کليل هنڌن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پڻ گرمي کان بچاءَ جا ضروري اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


