ڪراچي: ( ويب ڊيسڪ ) بي آر ٽي ييلو لائن منصوبي ۾ اربين رپين جي مبينا مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد چيف سيڪريٽري سنڌ معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب بي آر ٽي ييلو لائن منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگين ۽ مبينا ڪرپشن جا معاملا سامهون آيا آهن، جن جي جاچ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري آفيسر اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جمن داس، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طحٰه عزيز کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب طلب ڪيل آفيسرن کي ييلو لائن منصوبي سان لاڳاپيل سمورو رڪارڊ، مالي دستاويز ۽ ادائگين جا تفصيل پڻ گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته جاچ دوران منصوبي جي سمورن معاملن جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن حقيقتون سامهون آڻي سگهجن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته بي آر ٽي ييلو لائن جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي تي قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ايڊوانس ادائگيون ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ ان معاملي تي ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته معاملي جي باقاعده جاچ جاري آهي ۽ انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي ذميوارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


