اڪري چودڳي (ويب ڊيسڪ ) خيرپور جي علائقي اڪري چودڳي ۾هيسباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عمران زرداري کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .
زخمي اهلڪار جي وارثن موجب جهيڙي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ اهلڪار کي گولي لڳي.
هنن ٻڌايو ته نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان اپيل ڪيون ٿا ته نوجوان جي حياتي بچائي وڃي


