درياخان مري ڀرسان نوجوان ڳلو ڪپي قتل، سئوٽ زخمي

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) درياخان مري ڀرسان ڳوٺ عثمان خاصخيلي ۾ اڻڄاتل جوابدارن نوجوان دلاور پٽ طالب خاصخيلي کي رستي تان پڪڙي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي سندس ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حملي دوران سندس سئوٽ غلام مصطفيٰ ڇرا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب مقتول جو لاش ڪمند جي فصل مان هٿ آيو، جڏهن ته زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ جي شادي واري ڏينهن گهر ۾ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment