اوٻاوڙو: گرمي کان بچاءَ لاءِ واهه ۾ وهنجڻ ويل نينگر ٻڏي فوت

1 Min Read

اوٻاوڙو (رپورٽر) اوٻاوڙو ڀرسان چوڪماڙي ڳوٺ ڪوڙو رند جو رهواسي 12 ورهين جو نينگر اسد علي رند ولد رجب رند گرمي کان بچڻ لاءِ ڏهر واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو.
واقعي کانپوءِ آبپاشي عملو وقت سر نه پهچي سگهيو، جنهن سبب علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش جي ڳولا شروع ڪئي.
ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته انساني جاني نقصان کان بچڻ لاءِ ڏهر واهه کي فوري طور بند ڪيو وڃي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمشنر سکر واهن ۽ ڪئنالن تي وهنجڻ ۽ تڙ ڪرڻ تي دفعه 144 لاڳو ڪئي هئي، پر مقامي ماڻهن موجب انتظاميه جي لاپرواهي سبب هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment