ڪراچي ( رپورٽ: جاني سومرو) سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران پارٽي ڪارڪن سعيد ميمڻ جي اغوا خلاف ۽ سندس ترت بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج وقت پريس ڪلب جي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.
احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ايس ٽي پي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، الاهي بخش بڪڪ، مظهر ميمڻ، مغوي جي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، سعيده گوپانگ ۽ عاشق ٿهيم ڪئي. مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهليءَ خلاف سخت نعري بازي ڪئي.
سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي: ايس ٽي پي اڳواڻ
مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته سعيد ميمڻ جي اغوا کي 20 ڏينهن گذرڻ جي باوجود سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ هن وقت تائين سندس بازيابي هڪ وڏو سواليا نشان آهي. اڳواڻن چيو ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سڀ خبر آهي ته سعيد ميمڻ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، پر ان جي باوجود ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.
پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ جو مطالبو
صوبائي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ ۾ امن امان جي بدترين صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي جا ماڻهو پنهنجا مغوي آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ جديد هٿيارن سان اچن ٿا ۽ پنهنجا ماڻهو بازياب ڪرائي هليا وڃن ٿا، پر سنڌ سرڪار پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ گهري ننڊ ستل آهي.
اڳواڻن سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سعيد ميمڻ، معصوم پريا ڪماري سميت ڪيترائي سنڌ واسي اغوا ۽ لاپتا آهن، پر صوبائي حڪومت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ سميت سمورن مغوين کي ترت آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.


