حيدرآباد ۾ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ 2 جوابدار مارڻ جي دعويٰ

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي نسيم نگر پوليس مهراڻ پل ويجهو مبينا مقابلي دوران ٻن جوابدارن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب موٽر سائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو ته هنن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ پوليس فائرنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل ٻئي جوابدار بعد ۾ فوت ٿي ويا.
ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ موجب مارجي ويل جوابدار گهرن ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث هئا.
پوليس واقعي واري هنڌ تان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment