بيواهه يا اولاد؟ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري ڪنهن کي ملندي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهم تشريح ڪري ڇڏي

4 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ اهم آئيني ڪيس ۾ قرار ڏنو آهي ته فوتي سرڪاري ملازم جي بيواهه کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري صرف ان صورت ۾ ملي سگهي ٿي، جڏهن مرحوم جا سڀئي ٻار نابالغ هجن. عدالت واضح ڪيو ته قانون جو بنيادي مقصد فوتي يا معذور ٿي ويل سرڪاري ملازم جي ٻارن کي روزگار فراهم ڪرڻ آهي.

رابعه نالي عورت عدالت سان رجوع ڪيو هو. سندس مڙس ممتاز احمد، جيڪو ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ (بي ايس-16) طور ڪم ڪندو هو، نومبر 2022ع ۾ وفات ڪري ويو هو.

رابعہ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ درخواست ڏني، پر سندس ڪيس تي عمل نه ٿيو. حڪومت جو موقف هو ته مرحوم جون ٻه زالون ۽ ٻنهي مان ٻار هئا، جڏهن ته قانون موجب خاندان جي ٻين وارثن جي رضامندي ۽ اين او سي لازمي هئي.

جسٽس محمد سليم جيسر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني آئيني بينچ قرار ڏنو ته فوتي ڪوٽا جو بنيادي مقصد ٻارن کي روزگار مهيا ڪرڻ آهي، بيوهه کي نوڪري ڏيڻ واري شق 2016ع ۾ شامل ڪئي وئي هئي، بيوهه جي مقرري صرف تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن مرحوم جا سڀئي ٻار نابالغ هجن، جيڪڏهن مرحوم جو ڪو بالغ ۽ اهل ٻار موجود هجي ته پهريون حق ان جو هوندو.

عدالت چيو ته بيوهه کي مڙس جي وفات کان پوءِ پينشن ۽ ٻيا مالي فائدا حاصل ٿين ٿا، جڏهن ته ٻارن جي معاشي مستقبل کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون کين ترجيح ڏئي ٿو.

عدالت جي سامهون حقيقت اها آئي ته مرحوم جي هڪ ڌيءَ 2025ع ۾ بالغ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٽي پٽ اڃا نابالغ آهن.

عدالت قرار ڏنو ته فوتي ڪوٽا تي نوڪري جو پهريون حق مرحوم جي بالغ ڌيءَ جو آهي، ماٽيلي ماءُ يا ٻين وارثن کان اين او سي نه ملڻ سبب سندس حق ختم نٿو ٿي سگهي، درخواست جي آخري تاريخ گذرڻ کي به رڪاوٽ نه بڻايو وڃي، لاڳاپيل کاتو ڌيءَ کي سندس تعليم ۽ قابليت مطابق سرڪاري نوڪري فراهم ڪري.

هي فيصلو سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا بابت هڪ اهم عدالتي تشريح طور ڏٺو پيو وڃي. عدالت پهريون ڀيرو ايتري وضاحت سان ٻڌايو آهي ته فوتي ڪوٽا جو اصل فائدو ٻارن لاءِ آهي، بيوهه کي نوڪري ڏيڻ هڪ استثنائي سهولت آهي، بالغ ۽ اهل اولاد جي موجودگي ۾ بيوهه کي ترجيح نٿي ملي سگهي.

عدالتي فيصلي موجب سرڪاري نوڪرين جي پاليسي ٺاهڻ ۽ شرطن جو تعين انتظاميا جو اختيار آهي، جنهن ۾ عدالت عام طور مداخلت نٿي ڪري.

قانوني ماهرن موجب هي فيصلو مستقبل ۾ فوتي ڪوٽا سان لاڳاپيل ڪيترن ئي تڪرارن لاءِ مثلال بڻجي سگهي ٿو. خاص طور تي اهڙن خاندانن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ زالون يا مختلف وارث موجود هجن، اتي عدالت جو هي اصول اهميت اختيار ڪندو ته فوتي ملازم جي بالغ ۽ اهل اولاد کي روزگار ۾ پهرين ترجيح ڏني وڃي.

اهڙي ريت سنڌ هاءِ ڪورٽ نه رڳو هڪ مخصوص ڪيس جو فيصلو ڪيو آهي، پر فوتي ڪوٽا جي قانون جي اصل روح ۽ مقصد کي پڻ واضح ڪري ڇڏيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment