ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حيدر فيز ون واري علائقي ۾ گذريل ڏينھن ھٿياربندن ھٿان مارجي ويل پوليس اھلڪار خالد مري واري واقعي جي سي سي ٽي وي فٽيجز سنڌ وائيس کي ھٿ اچي ويا آھن.
فوٽيجز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته مارجي ويل اھلڪار پنھنجي سالي سان گڏ ھڪ جاءِ تي اچي موٽر سائيڪل کي بيھاري ڇڏي ٿو. فوٽيجز ۾ ظاھر ٿي رھيو آھي ته خالد کي ھڪ گولي اڳواٽ ئي لڳل آھي.
زخمي اهلڪار کي سندس سالو سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر بعد ھڪ جوابدار جنھنجي سڃاڻپ محمد حسن مري طور ڪئي وئي آھي، اھو کيس موٽر سائيڪل جو ٽڪر ھڻي ٿو، جنھن بعد ھڪ جوابدار، جنھن جي سڃاڻپ علي مري طور ڪئي وئي آھي، اھو کيس گوليون ھڻي ٿو.
پوليس ذريعن موجب سي سي ٽي وي ڪيمرا ۾ 4 جوابدارن مان ھڪ جوابدار تابش مري پڻ آھي، جيڪو ٽائون ٿاڻي تي ننڍي منشي طور مقرر ٿيل ھو.
ھوڏانھن واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناھي ٿي سگھيو، جڏھن ته ذريعن موجب پوليس ٽن ڄڻن حسن مري، تابش مري ۽ ھڪٻئي جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي.
واضح رھي ته مقتول اھلڪار جو وڏو ڀاءُ شھزاد مري پڻ پوليس اھلڪار ھو، جيڪو ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو ھو، سندس جاءِ تي مقتول خالد مري کي نوڪري ڏني وئي ھئي.


