ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ جي ٻن هفتن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت کيس 10 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
عابد بلوچ خلاف الزام آهي ته سانگهڙ ۾ سندس مقرري دوران گٽڪي، مائي، سوپارين ۽ ٻين صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي غير قانوني سپلاءِ ۽ وڪري واري نيٽ ورڪ جي سرپرستي ڪئي وئي. انهن الزامن جي جاچ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) طرفان جاري آهي.
عابد بلوچ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي جاچ سبب سندس موڪل کي گرفتاري جو خدشو آهي، تنهن ڪري حفاظتي ضمانت ڏني وڃي. عدالت ابتدائي طور اها درخواست منظور ڪندي کيس عارضي قانوني تحفظ فراهم ڪيو.
عدالت عابد بلوچ کي حڪم ڏنو ته هو 10 ڏينهن دوران لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري.
ايف آءِ اي ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي آفيس سانگهڙ جي اڪائونٽنٽ غلام سرور جعفري کي گرفتار ڪيو هو. اداري موجب غلام سرور جعفري تي حوالي هنڊي، غير قانوني فارن ايڪسچينج ۽ شڪي مالي ڏي وٺ ۾ ملوث هئڻ جا الزام آهن.
جاچ دوران پوليس لائن سانگهڙ ۾ واقع گيسٽ هائوس تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ پاڪستاني ۽ غير ملڪي ڪرنسي، چيڪ بڪ، چيڪ ليوز، ڊپازٽ سلپس، موبائيل فون ۽ ٻيو رڪارڊ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
ايف آءِ اي موجب ڪارروائي دوران ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ اي ايس آءِ ۽ انسپيڪٽر رينڪ جا آفيسر شامل آهن.
ذريعن موجب جاچ ۽ رپورٽن کان پوءِ آئي جي سنڌ عابد بلوچ کي 27 اپريل تي ايس ايس پي سانگهڙ جي عهدي تان هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
حفاظتي ضمانت جو مطلب اهو ناهي ته الزام ختم ٿي ويا آهن يا بيگناهي ثابت ٿي وئي آهي. اها صرف هڪ عارضي قانوني سهولت هوندي آهي، جنهن سان جوابدار کي لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
ذريعن موجب ايف آءِ اي پاران جاچ جاري هئڻ سبب عابد بلوچ کي هن وقت تائين ڪٿي پوسٽنگ ناهي ڏني هئي.


