اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ موسميات کاتي مون سون سيزن 2026 لاءِ موسمياتي اڳڪٿي جاري ڪندي سنڌ سميت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي وڏن شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موجب جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ معمول کان گهٽ برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي، پر ان باوجود ڪجهه وقتي شديد برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خطرو برقرار رهندو.
ڊي جي ميٽ آفيس ڊاڪٽر محمد افضال چيو آهي ته برساتون گهٽ ٿيڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ٻوڏ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي، بلڪه تيز برساتن جي اسپيلز دوران سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي وڏن شهرن ۾ اربن فلڊنگ ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ برساتون معمول کان گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، بالائي خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر تائين گرمي پد به معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، خاص طور تي اتر پنجاب ۽ اولهه گلگت بلتستان ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ اسٽريس جا خطرا وڌي سگهن ٿا.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي گهٽتائي سبب پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي شعبي تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا.
ان کان علاوه بالائي علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سبب گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ ڍنڍن جي ڦاٽڻ جو خطرو به وڌي سگهي ٿو، جنهن سان اوچتو ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي واضح ڪيو آهي ته مون سون جي شديد برساتي اسپيلز دوران شهري علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو نظام دٻاءَ هيٺ اچي سگهي ٿو، جنهن سبب اربن فلڊنگ جا واقعا ٿي سگهن ٿا.


