ڏهرڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ غازي دڙي ۾ قائم ڊسڪون ڪيمپ مان بجلي جون تارون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي.
ڳوٺاڻن مبينا طور ڏهرڪي ٿاڻي جي هڪ پوليس اهلڪار کي بجلي جون تارون چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙي ورتو.
ڳوٺاڻن موجب پڪڙيل جوابدار پاڻ کي پوليس اهلڪار ٻڌايو ۽ ڊيوٽي تي هجڻ جو جواز پيش ڪيو، پر ان دوران اطلاع تي پهتل پوليس مبينا طور تي پنهنجي پڪڙيل ساٿي اهلڪار کي ڇڏائي کڻي وئي.
ٻئي طرف واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ ڏهرڪي پوليس مٿان عوام پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب چوري جي الزام هيٺ آيل اهلڪار جو نالو اڃا تائين راز ۾ رکيو ويو آهي ۽ پوليس پاران ڪا به سرڪاري وضاحت سامهون ناهي آئي.

ڏهرڪي ويجهو مبينا تارون چوري ڪندڙ پوليس اهلڪار سڳ سوڌو گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

