عرفان خان جي زال پاڪستاني اداڪارا هاجرا يامين جي وڏي مداح نڪتي

1 Min Read

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ليکڪا ۽ مرحوم اداڪار عرفان خان جي گهر واري، سُتاپا سڪدار، انسٽاگرام تي پاڪستاني ڊرامي ’ڊاڪٽر بهو‘ ۾ هاجرا يامين جي اداڪاريءَ کي ساراهيندي کيس هڪ بهترين ۽ ”انڊر ريٽيڊ“ اداڪارا قرار ڏنو آهي.
جواب ۾ هاجرا يامين سندس شڪريو ادا ڪندي چيو ته هوءَ عرفان خان جي ڪم جي وڏي مداح رهي آهي.
گذريل سال ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ سبب لڳندڙ پابندين جي باوجود، هيءَ تعريف ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستاني ڊراما اڄ به ڀارت ۾ شوق سان ڏٺا وڃن ٿا.

Share This Article
Leave a Comment