پاڪستان تاريخ جي بدترين معاشي بحران جو شڪار، قرض 97 هزار ارب کان وڌي ويو

2 Min Read

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تي قرضن جو بار گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل وڌي رهيو آهي، جنهن جو سڌوسنئون نقصان غريب عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.
مالي بدانتظامي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ پراڻا قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ نوان قرض وٺڻ واري حڪومتي پاليسيءَ ملڪي معيشت کي وڌيڪ ٻوڙي ڇڏيو آهي.
هڪ وڊيو رپورٽ موجب، پاڪستان هن وقت مجموعي طور تي 97 هزار 37 ارب رپين جي تاريخي قرض هيٺ دٻيل آهي.
گذريل سال اهو قرض 89 هزار 774 ارب رپيا هو، جنهن جو مطلب آهي ته رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ قومي قرض ۾ 7 هزار 553 ارب رپين جو ڇرڪائيندڙ اضافو ٿيو آهي.
شهرين جو چوڻ هو ته ملڪ ته قرضي ٿي رهيو آهي پر عوام کي ڪا به سهولت، روزگار يا بنيادي ضرورتون ناهن.
هڪ شهريءَ الزام هڻندي چيو ته هي قرض عوام ناهي وڌايو پر ملڪ جي ڪرپشن وڌايو آهي، بااثر ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ فليٽ ۽ ملڪيتون خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته عام ماڻهو گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ پريشان آهي.
رپورٽ موجب هڪ پورھيت ٻڌايو ته هو اڳي موٽرسائيڪل تي ڪم تي ويندو هو، پر هاڻي پيٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري پنڌ وڃڻ تي مجبور آهي، ڇاڪاڻ ته ڏهاڙي جو اڌ کان وڌيڪ حصو پيٽرول ۾ هليو ويندو آهي.
ٻين شهرين شڪايت ڪئي ته کنڊ، گيهه، بجلي ۽ گئس جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي کي ريليف ڪوٺڻ عوام کي بيوقوف بڻائڻ برابر آهي.
شهرين اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي عام واهپي جي شين تي حقيقي ريليف فراهم ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment