ڪراچي ۾ ليڊي پوليس اهلڪار هٿان مڙس قتل، خودڪشيءَ جو ڊرامو وائکو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي غازي آباد ۾ ليڊي پوليس اهلڪار پنهنجي اڳوڻي مڙس سان ملي شاديءَ کي رڳو 10 ڏينهن گذرڻ بعد پنهنجي نئين مڙس کي مبينا طور ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.
مومن آباد ٿاڻي تي مقتول حمزا جي پيءُ ظهور الدين جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار ليڊي ڪانسٽيبل دعا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ آر موجب، جوابدار عورت دعا پيرآباد ٿاڻي تي مقرر آهي ۽ هيءَ سندس ٻي شادي هئي.
واقعي واري ڏينهن مقتول حمزا جو لاش ڇت سان ٽنگيل مليو، پر سندس ٻئي هٿ پٺيان ٻڌل هئڻ ڪري آپگهات جو ڊرامو وائکو ٿي پيو.
فرياديءَ الزام هنيو آهي ته دعا پنهنجي اڳوڻي مڙس فهد سان ملي حمزا کي قتل ڪيو آهي.
پوليس ڪيس داخل ڪري فرار جوابدار فهد جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.

Share This Article
Leave a Comment