جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڪوريجا پاڙي ۾ راھب عمراڻي جي جڳهه تي تعميراتي ڪم دوران ديوار جو شيڊ ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار مزدور زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ الله وسايو لاشاري، اصغر علي، بابو ۽ صدير گرگيج شامل آهن.
حادثي کان پوءِ موقعي تي موجود ٻين مزدورن زخمين کي فوري طور سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

جيڪب آباد ۾ اڏاوتي ڪم دوران حادثو، 4 مزدور زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

