نوشهروفيروز ۾ مبينا وياجين جي گهر تي ڪاهه، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، مينهن ڪاهي ويا

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي دليپوٽا ڀرسان ڳوٺ مٺو پنهور ۾ هڪ خاندان مبينا طور وياجين خلاف سخت الزام لڳائيندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
متاثر صاحب پنهور موجب هن عيد تي ٻارن جي ڪپڙن ۽ گهر جي خرچ لاءِ ٻه لک رپيا قرض ورتا هئا، جن جي مد ۾ ٽي لک رپيا واپس ڪري چڪو آهي، پر مبينا طور وڌيڪ 40 هزار رپين جو مطالبو ڪيو پئي ويو.
هن الزام هنيو ته رقم نه ڏيڻ تي جوابدارن گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ سندن گذر سفر جو ذريعو بڻيل ڀلوڙ مينهون ڪاهي ويا.
متاثر ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ مينهون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment