اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب 11 جون کان 13 جون تائين ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ تيز هوائن، مٽيءَ جي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مٿانهين ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، دادو، گھوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ مٽيءَ جي طوفان جو امڪان آهي.
خيبرپختونخواهه، پنجاب، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ڪيترن ئي هنڌن تي تيز هوائن سان گڏ برسات، ڪجهه هنڌن تي ڳري برسات ۽ ڳڙا پوڻ جو امڪان آهي.
بلوچستان جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ به طوفاني هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان گهم وارا هوائي وهڪرا ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب هي موسمي تبديلي ٿيندي.

موسمي الرٽ: سڀاڻي کان سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ طوفاني هوائن ۽ برساتن جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

