ٽنڊو الهيار: قتل ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

1 Min Read

ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ڪجھ سال اڳ پياري لُنڊ ٿاڻي جي حد ۾ عبدالخالق خاصخيلي کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ وارو ڪيس عدالت ۾ ثابت ٿي ويو.
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوالھيار محمد عباس سيال جوابدار لالچند عرف لالو پيار لُنڊ کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
مقتول جي ڀاءُ گلشير خاصخيلي جي فرياد تي پوليس قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪيو هو۔

Share This Article
Leave a Comment