جيڪب آباد ۾ نور جي حملي ۾ زخمي عورت دم ڏئي ڇڏيو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 2026 دوران نور جي چڪ سبب ريبيز جو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي جنهن ۾ 42 سالن جي عورت فوت ٿي وئي، انڊس اسپتال جي ترجمان موجب فوت ٿيل عورت جو تعلق جيڪب آباد سان هو ۽ کيس تقريبن ٻه هفتا اڳ نور چڪ هنيو هو، جنهن کان پوءِ هن ڪو به طبي علاج حاصل نه ڪيو، ريبيز پروگرام جي مئنيجر آفتاب گوهر موجب اهو پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ نور جي چڪ کان پوءِ ريبيز ٿي ۽ موت واقع ٿيو، اسپتال ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته هن سال ريبيز سبب انڊس اسپتال ۾ مجموعي طور 9 موت رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

Share This Article
Leave a Comment