بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، وڏن ٽيڪس هدفن ۽ قرضن جي ادائيگين جا وڏا چئلينج موجود

4 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ اڄ قومي اسمبلي ۾ پيش ڪئي پئي وڃي جنهن جو گڏيل ڪاٿو 18 هزار ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ ۽ اهم ترين مالي دستاويز ايوان ۾ پيش ڪندو.
بجيٽ ۾ جتي عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ ڪجهه ريليف جون تجويزون شامل آهن، اتي ئي ڳري ٽيڪس جا هدف ۽ قرضن جي ادائيگين جو وڏو چيلنج پڻ موجود آهي.
بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري آهي ته سندن پگهارن ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي، ان سان گڏ ئي پگهاردار طبقي کي انڪم ٽيڪس ۾ ريليف ڏيڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.
سالياني 12 لک کان 36 لک رپين تائين ڪمائيندڙن جي ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پگهاردار طبقي جي ٽيڪس سليبس کي 6 مان وڌائي 8 ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سالياني هڪ ڪروڙ رپيا يا ان کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو 10 سيڪڙو سرچارج کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس ۾ به گهٽتائي جي تجويز آهي، تنهن هوندي به ڪارپوريٽ انڪم ٽيڪس ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿيندي.
عوام لاءِ روزاني جي استعمال ۽ سينگار جو ڪجهه سامان سستو ٿيڻ جي اميد آهي.
پرڏيهه مان گهرايل ميڪ اپ جو سامان، لِپسٽڪ، پائوڊر، مسڪارا، شيمپو ۽ صابڻ تي ڪسٽم ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جنهن سان اهي شيون سستيون ٿي وينديون.
ٻئي طرف، ماحول دوست گاڏين تي بار وڌڻ جو خدشو آهي، اليڪٽرڪ، هائبرڊ ۽ پلگ ان هائبرڊ گاڏيون مهانگيون ٿي سگهن ٿيون.
مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس 8.5 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
آٽو انڊسٽري کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن هنن مقامي سطح تي پرزا تيار نه ڪيا ته کين ملندڙ رعايتي ٽيڪس جون سهولتون ختم ڪيون وينديون.
حڪومت نئين مالي سال لاءِ ٽيڪس اوڳاڙين جو گڏيل هدف 15 هزار 264 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ 220 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان آهي.
بجيٽ ۾ پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي مد ۾ 17 سئو 27 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ٿي سگهي ٿو.
پيٽروليم شين تي ڪلائميٽ ليوي اڍائي رپين مان وڌائي 5 رپيا ليٽر ڪرڻ، جڏهن ته گئس سرچارج جي مد ۾ 151 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي.
بجيٽ جو هڪ وڏو حصو قرضن ۽ وياج جي ادائيگين جي ور چڙهي ويندو.
ايندڙ مالي سال ۾ وفاق لاءِ وياج ۽ قرضن جي ادائيگي جو گڏيل ڪاٿو 7 هزار 824 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ان مان 6 هزار 652 ارب رپيا مقامي قرضن ۽ 1 هزار 107 ارب رپيا پرڏيهي قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا.
وفاقي وزارتن ۽ کاتن جي غير ترقياتي خرچن لاءِ 1,070 ارب رپيا مختص ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته پينشن جي مد ۾ 1,100 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي ويندي.
غريب ۽ مستحق طبقي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ اضافو تجويز ڪيو ويو آهي.
پروگرام لاءِ گڏيل طور تي 838 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن تحت مستحقن جو ٽي ماهي وظيفو 13,000 رپين مان وڌائي 14,500 رپيا ڪيو ڪري سگهجي ٿو.
حڪومت پاران بجيٽ ۾ تجويز ڪيل سمورن مالي قدمن، ٽيڪسن ۾ ردوبدل ۽ نئين معاشي پاليسين کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ فنانس بل 2026 قومي اسمبلي ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
ان بل ۾ شامل سمورن مالي ۽ ٽيڪس تجويزن جي پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ، باقاعده پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment