4 ئي صوبا ڀائر آهن، هڪڙي ماني گڏجي کائڻ گهرجي: وزيراعظم

3 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي جمهوريت جي ميثاق ۽ قومي معاملن تي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، جيڪي پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري وڃن ٿا پر ڪروڙين پاڪستانين جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا.

هن زور ڀريندي چيو ته اسان سڀني کي انهن قربانين جو احترام ۽ قدر ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته شهيدن جا ننڍڙا ٻار اڃا تائين اهو به نٿا ڄاڻن ته سندن والد هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

وزيراعظم اپوزيشن کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو ته معيشت جي ميثاق ۽ جمهوريت جي ميثاق ڏانهن اڳتي وڌون. هن چيو ته اڄ به اپوزيشن کي چوان ٿو ته گڏ ويهون، سياست هر ڪنهن جي پنهنجي، نظريو پنهنجو ۽ خيال پنهنجا، پر جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون.

شهباز شريف چيو ته چئني صوبن جي برابري واري ترقي وزيراعظم طور سندس ذميواري آهي. هن چيو ته جمهوريت جي ميثاق لاءِ هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اپيل ڪري چڪو آهي ۽ پاڪستان لاءِ جيڪا به قرباني ڏني وڃي، اها گهٽ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن ليڊر به چيو آهي ته صوبن جا معاشي وسيلا انهن جو حق آهن، جنهن بابت ڪنهن به قسم جو اختلاف موجود ناهي.

وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي جو معاهدو پڙهي ڏٺو وڃي، بلوچستان جي عوام جا شيئرز هڪ روشن مثال آهن. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي عوام جو حصو ڪنهن کان لڪل راز ناهي، پر سڀني جي سامهون موجود آهي.

شهباز شريف ٻڌايو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 100 سيڪڙو وڌايو ويو هو، جيڪو ڪو احسان نه پر صوبي جو حق هو. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي ۽ هتان جا ماڻهو بهادر ۽ غيرتمند آهن.

وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ پنجاب ۽ سنڌ پڻ پنهنجو حصو وڌو، جڏهن ته صوبي جي آبادگارن کي 75 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينل فراهم ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته گوادر کان چمن تائين شاهراهه تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪا هاءِ وي جي معيار مطابق هوندي، ۽ ان منصوبي تي لڳ ڀڳ 300 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment