فيفا ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پهتل انگلينڊ ٽيم جو سامان چوري

1 Min Read

ڪنساس سٽي (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي افتتاحي ميچ کان اڳ انگلينڊ ٽيم کي چوري جي واردات کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب ٽيم جي تيارين تي اثر پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

برطانوي ميڊيا موجب ڪنساس سٽي جي سووپ ساڪر سٽي ۾ انگلينڊ ٽيم جو سامان کڻي ويندڙ گاڏي جا تالا ٽوڙي سامان چوري ڪيو ويو. چوري ٿيل سامان ۾ رانديگرن جا ٽريننگ بوٽ ۽ فٽبال به شامل هجڻ جو امڪان آهي.

رپورٽن موجب فٽبال ٽيم جي آمد کان اڳ سامان ڪنساس سٽي پهچايو ويو هو، جڏهن ته ٽيم جو ڪوچنگ اسٽاف ۽ رانديگر ڇنڇر تي شهر پهچڻا هئا.

برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فٽبال ايسوسيئيشن چوري ٿيل سامان جي مڪمل تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پوليس موجب معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ فٽبال ايسوسيئيشن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. چوري جي شڪ ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

رپورٽن مطابق سامان جي چوري انگلينڊ ٽيم جي تيارين کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته انگلينڊ ٽيم آچر تي پنهنجو پهريون ٽريننگ سيشن ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment