تھران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته اڄ ايران سان امن معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.
ايراني پاسداران انقلاب فورس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ اڳ ئي واضح ڪري چڪا آهن ته آچر واري ڏينهن ڪنهن به معاهدي تي صحيحون نه ڪيون وينديون.
ايراني فوج جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 جون تي پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي علامتي طور هن معاهدي کي پنهنجي ذاتي شهرت ۽ مشهوري لاءِ استعمال ڪرڻ پئي چاهيو.
ٻئي طرف، ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته ايران سان امن معاهدو اڄ ئي طئي ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ سڀني لاءِ هرمز لنگهه کلي ويندو.

ايراني فوج پاران آمريڪي صدر جي اڄ معاهدي تي صحيحون ٿيڻ واري دعويٰ مڪمل طور رد
Leave a Comment Leave a Comment

