ايشيا جي سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ سڪي وئي، انساني آبادي ۽ آبي جيوت کي خطرا

1 Min Read

سيوهڻ/ ڀان سيد آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيا جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻي جي منڇر ڍنڍ انتظامي غفلت سبب مڪمل طور سڪي وئي آهي، جنهن ڪري منڇر جو لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽرن تائين وارو علائقو بنجر زمين جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي.
پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي 104 آر ايل تي پهچڻ ڪري مڇيءَ جو نسل تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، جنهن سبب هزارين مهاڻا خاندان بکون ڪٽڻ تي مجبور آهن.
ڍنڍ جي سڪي وڃڻ ڪري نه صرف آبي جيوت متاثر ٿي آهي، پر ڀرپاسي جون زمينون پڻ بنجر ٿي ويون آهن، جنهن سان هاري ۽ آبادگار معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن.
پاڻي ماهرن هن صورتحال کي هڪ وڏو ماحولياتي الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جي فراهمي بحال نه ٿيڻ جي صورت ۾ منڇر جي ڏيڍ لک انساني آبادي جو روزگار ۽ زندگي داءُ تي لڳل آهي.
ٻئي طرف، مقامي رهواسين اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي هٿ سان بنجر بڻايو پيو وڃي ۽ منڇر کي سڪائي هتان جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي.
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور منڇر کي پاڻي ڏئي تباهي کان بچايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment