دادو (رپورٽر) دادو ۾ پسند جي شادي واري معاملي تان تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب شهر جي پراڻي بس اسٽاپ واري علائقي ۾ هٿياربندن حملو ڪري اليڪٽريشن مستري آصف پٽ شمس الدين سرهيو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ زخمي کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي آصف سرهيو جي ڀاءُ ماجد سرهيو ڪجهه عرصو اڳ ساجدان سرهيو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو.
پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران سجاد ۽ خدابخش تي حملي ۾ ملوث هجڻ جو الزام سامهون آيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

دادو ۾ پسند جي پرڻي تان تڪرار، فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ
Leave a Comment Leave a Comment

