گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ڀرسان ٽنڊو مستي قومي شاهراهه تي دعا چوڪ وٽ ٽرالر ۽ مزدا ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ مزدا ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو.
ريسڪيو ذريعن موجب فوتي جي سڃاڻپ عطا حسين طور ٿي آهي، جڏهن ته حادثي ۾ فرمان علي نالي هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
فوتي جو لاش ۽ زخمي کي طبي امداد لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي حادثو، مزدا ڊرائيور فوت، هڪ ڄڻو زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

