خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڏٻر پاڙي ۾ هڪ گهر مان عورت جو گولين لڳل لاش هٿ آيو. مقتولا جي سڃاڻپ گلجان زال وجاهت ميراڻي طور ٿي آهي. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ جوابدار سهيل ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقتولا جي وارثن الزام لڳايو آهي ته گلجان کي سندس مڙس وجاهت ميراڻي ۽ ڏيرن مبينا طور قتل ڪيو. وارثن موجب جوابدارن شادي وقت ڏاج ۾ مليل چار تولا سون گهريو هو، پر انڪار ڪرڻ تي عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
واقعي خلاف وارثن احتجاج ڪندي شفاف جاچ ۽ سڀني ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد قتل جا اصل ڪارڻ سامهون اچي سگهندا.
گلجان جو تعلق روهڙي سان هو، جڏهن ته سندس شادي خيرپور ۾ ٿي هئي. واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر عورتن جي تحفظ، گهريلو تشدد ۽ ڏاج سان لاڳاپيل مسئلن بابت اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

خيرپور ۾ عورت جو پراسرار قتل، ڏاج جو سون نه ڏيڻ تي قتل جو الزام
Leave a Comment Leave a Comment

