گمبٽ ۾ فصل ۾ وڃڻ تان بااثر، ٻڪر جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي

2 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) سنڌ ۾ بي زبان جانورن تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن. گمبٽ ڀرسان ڳوٺ بهرام ٿيٻو ۾ هڪ ٻڪر تي مبينا تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سڃاڻ ڌرين ۽ جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ حلقن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
سامهون آيل ڄاڻ موجب هڪ ٻڪر مبينا طور مقامي وڏيري جي زمين ۾ داخل ٿي ويو، جنهن تي ڪاوڙجي جوابدار ٻڪر جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شهرين واقعي جي مذمت ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اٺ تي تشدد جو واقعو سامهون آيو هو، جڏهن ته ٺري ميرواهه ۾ به گڏهه تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي هئي. هاڻي گمبٽ ۾ ٻڪر سان مبينا ظلم جو واقعو پيش اچڻ بعد جانورن جي تحفظ بابت خدشا وڌي ويا آهن.
سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ اثرائتي قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ سبب بي زبان جانورن تي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن.
هنن حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment