پگهارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ساڍا 3 سيڪڙو واڌ، پنجاب جي بجيٽ پيش

2 Min Read

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ناڻي واري وزير شجاع الرحمان ايندڙ مالي سال لاءِ 5 هزار 903 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي بجيٽ پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.

بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ساڍا 3 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جي مد ۾ 27 ارب رپيا ۽ هونهار اسڪالرشپ پروگرام لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

بجيٽ دستاويزن موجب صوبي جي آمدني جو هدف 1209 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن لاءِ 752 ارب رپيا ۽ تعليم جي شعبي لاءِ 750 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ناڻي واري وزير شجاع الرحمان چيو ته صحت جي شعبي لاءِ مجموعي بجيٽ جو 10 سيڪڙو مختص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ڊجيٽل سهولتن جي فراهمي ۽ جديد تعليم جي فروغ کي يقيني بڻايو ويندو.

ان کان اڳ پنجاب ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. ٻئي طرف مريم نواز دعويٰ ڪئي ته پنجاب وفاقي حڪومت کي دفاع سميت ٻين معاملن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو ڏنو آهي.

بجيٽ جي منظوري کان پوءِ پنجاب ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي عوام جي ترقي جي سفر تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته عوامي رليف ۽ خدمت جو سلسلو اڳ وانگر جاري رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment