ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي چالان سسٽم، ڳرن ڏنڊن ۽ ٻين ريگيوليٽري قدمن خلاف ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي سڏ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ آپريٽرن شهر ۾ ڦيٿا جام هڙتال ڪئي آهي، جنهن سبب شهر جون اڪثر بسون، مني بسون ۽ ڪوچون روڊن تان غائب آهن.
هڙتال سبب هزارين شهري آفيسن، ڪارخانن، تعليمي ادارن ۽ ٻين منزلن تائين پهچڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهيا.
ٽرانسپورٽرن موجب حڪومت سان ٿيل ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي نه پهتيون، جنهن ڪري هڙتال جمعي تي به جاري رهندي.
ٽرانسپورٽ اتحاد جو چوڻ آهي ته اي چالانن سبب غيرمعمولي ڏنڊ لاڳو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته مينوئل ۽ اليڪٽرانڪ ٻنهي قسمن جا چالان جاري ٿيڻ سان آپريٽرن تي ٻيڻو بار پئجي رهيو آهي.
ٻئي طرف پيپلز بس سروس، بي آر ٽي گرين لائن، رڪشا، چنگچي ۽ آن لائين ٽيڪسي سروسون معمول موجب هلنديون رهيون.

اي چالانن ۽ ڳرن ڏنڊن خلاف ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرن جي ڦيٿا جام هڙتال
Leave a Comment Leave a Comment

