خراب شهرت رکندڙ جج عدالتي عهدي تي برقرار نٿو رهي سگهي، سپريم ڪورٽ

4 Min Read
https://www.facebook.com/UsmanGhaniPhotography

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شاهد وحيد هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته خراب شهرت رکندڙ جج عدالتي عهدي تي برقرار نٿو رهي سگهي. عدالت چيو آهي ته جج لاءِ معيار صرف بيگناهي نه، پر بي داغ ڪردار پڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته جج جي خراب شهرت پوري عدالتي نظام کي نقصان پهچائي ٿي.

ميڊيا رپورٽن موجب، جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بينچ، جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي شامل هئا، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وهاڙي محمد افضل زاهد جي برطرفي وارو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيل منظور ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هڪ سرڪاري ملازم ۽ جج کي برابر نٿو سمجهي سگهجي. عدالت موجب جج جي ايمانداري، ساک ۽ شهرت انتهائي اهم هوندي آهي. جج جي قانوني اهليت جو اندازو سندس فيصلن مان لڳايو ويندو آهي، جڏهن ته سندس ايمانداري جو معيار عوامي شهرت هوندي آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪو جج صحيح فيصلا به ڏئي، پر عوام جي نظر ۾ سندس ساک داغدار هجي ته سندس فيصلن تي به شڪ پيدا ٿيندو. عدالت زور ڏنو ته عوام جو اعتماد عدليه جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، ۽ جج جي ساک تي سوال اٿڻ سان سڄي عدالتي نظام جي ساک متاثر ٿيندي آهي.

سپريم ڪورٽ وڌيڪ قرار ڏنو ته اهڙو جج، جنهن جي ايمانداري بابت سنجيده شڪ موجود هجي، ان کي عهدي تي برقرار رکڻ عدليه جي اداري جي مفادن جي خلاف آهي. عدالت موجب بدنام يا ڪرپٽ جج کي عهدي تان هٽائڻ سان عدالتي ادارو پنهنجي ساک بحال ڪرڻ شروع ڪري ٿو.

9 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جج لاءِ معيار صرف بيگناهي نه، پر بي داغ ڪردار آهي. عدالت واضح ڪيو ته خراب شهرت رکندڙ جج کي صرف جبري رٽائرمينٽ نه، پر برطرف به ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انصاف سان گڏ انصاف تي عوامي اعتماد برقرار رکڻ به عدليه جي ذميواري آهي.

سپريم ڪورٽ 6 مئي 2013ع تي کاتي واري ڪارروائي ذريعي ڪيل برطرفي وارو فيصلو بحال ڪندي سروس ٽربيونل پاران ڏنل جبري رٽائرمينٽ جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالتي فيصلي موجب محمد افضل زاهد تي الزام هو ته هن پنهنجي سامهون هلندڙ ڪيسن جي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ غير قانوني مراعتون حاصل ڪيون. جاچ دوران سندس خلاف بدانتظامي ۽ ڪرپشن جي الزامن جي انڪوائري ڪئي وئي، جڏهن ته رپورٽ ۾ سندس شهرت بابت به منفي مشاهدا سامهون آيا.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته جيڪڏهن کاتي واري جاچ منصفاڻي هجي ۽ نتيجا ثبوتن تي ٻڌل هجن ته پوءِ نه سروس ٽربيونل ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ اهڙن نتيجن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. عدالت چيو ته موجوده معاملي ۾ خراب شهرت بابت نتيجا ناقص جاچ يا بدنِيتي تي ٻڌل نه هئا، تنهن ڪري انهن ۾ مداخلت جو ڪو جواز موجود نه هو.

Share This Article
Leave a Comment