ٽرمپ جي تنقيد بعد اٽلي جـِي وزيراعظم آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

1 Min Read

روم ( ويب ڊيسڪ )  اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مان ۽ اٽلي ڪنهن جي به آڏو هٿ نٿا ناهيون ٽنگيندا.

اطالوي ميڊيا موجب جارجيا ميلوني هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي زور ڀريو ته اٽلي هڪ خودمختيار ۽ باوقار ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءَ آڏو جهڪڻ وارو ناهي.

هن چيو ته اٽلي هميشه پنهنجي قومي مفادن کي اوليت ڏيندو ۽ ملڪ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بين الاقوامي لاڳاپا برابري، عزت ۽ باهمي احترام جي بنياد تي هئڻ گهرجن، نه ڪي دٻاءُ يا ڌمڪين تي.

اٽلي جي وزيراعظم ٽرمپ جي تنقيد بعد آمريڪا جو دورو پڻ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جارجيا ميلوني جي هن بيان کي سياسي حلقن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ تبصرن تي سڌي تنقيد طور ڏٺو پيو وڃي.

واضح رهي ته اٽلي ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا روايتي طور ويجها رهيا آهن، پر واپاري، دفاعي ۽ سفارتي معاملن تي ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به سامهون ايندا رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment