Focus with Zardari

ٽرمپ جي تنقيد بعد اٽلي جـِي وزيراعظم آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

1 Min Read

روم ( ويب ڊيسڪ )  اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مان ۽ اٽلي ڪنهن جي به آڏو هٿ نٿا ناهيون ٽنگيندا.

اطالوي ميڊيا موجب جارجيا ميلوني هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي زور ڀريو ته اٽلي هڪ خودمختيار ۽ باوقار ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءَ آڏو جهڪڻ وارو ناهي.

هن چيو ته اٽلي هميشه پنهنجي قومي مفادن کي اوليت ڏيندو ۽ ملڪ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بين الاقوامي لاڳاپا برابري، عزت ۽ باهمي احترام جي بنياد تي هئڻ گهرجن، نه ڪي دٻاءُ يا ڌمڪين تي.

اٽلي جي وزيراعظم ٽرمپ جي تنقيد بعد آمريڪا جو دورو پڻ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

- Advertisement -

جارجيا ميلوني جي هن بيان کي سياسي حلقن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ تبصرن تي سڌي تنقيد طور ڏٺو پيو وڃي.

واضح رهي ته اٽلي ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا روايتي طور ويجها رهيا آهن، پر واپاري، دفاعي ۽ سفارتي معاملن تي ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به سامهون ايندا رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment