پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي 350 بهترين ادارن ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهي

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) يونيورسٽين جي عالمي درجابندي ڪندڙ اداري ( ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ) دنيا جي يونيورسٽين جي 2027 جي نئين درجابندي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جون 18 يونيورسٽيون مجموعي طور 1504 اعليٰ ادارن ۾ شامل ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب هن سال به پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.

وفاقي سطح تي ٻن اهم يونيورسٽين قائداعظم يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي درجابندي ۾ به گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. قائداعظم يونيورسٽي جيڪا گذريل سال 354 هين نمبر تي هئي، هاڻي 381 هين نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته نسٽس 371 هين مان گهٽجي 384 هين نمبر تي اچي وئي.

ٻين يونيورسٽين ۾ به گهٽتائي ۽ تبديليون ڏٺيون ويون آهن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز 721 مان بهتر ٿي 560 نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي 542 مان گهٽجي 588 نمبر تي اچي وئي آهي.

لمس يونيورسٽي 555 مان گهٽجي 608 تي، جڏهن ته يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد 654 مان بهتر ٿي 629 نمبر تي اچي وئي آهي. ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد 664 مان بهتر ٿي 639 تي اچي وئي آهي.

ٻين ادارن ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد 691 نمبر تي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور 791 نمبر تي، جڏهن ته آغا خان يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف پشاور 951 نمبر تي رهيون.

رپورٽ موجب يونيورسٽي آف ڪراچي سميت سنڌ جي صرف هڪ يونيورسٽي 1500 عالمي ادارن ۾ جاءِ ٺاهي سگهي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ڪا به يونيورسٽي لسٽ ۾ شامل نه ٿي سگهي.

دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ Massachusetts Institute of Technology پهرين نمبر تي رهي، جڏهن ته Imperial College London ۽ Stanford University گڏيل طور تي ٻئي نمبر تي رهيا. University of Oxford چوٿين، Harvard University پنجين، ۽ University of Cambridge ڇهين نمبر تي رهي.

رپورٽ موجب عالمي درجابندي ۾ ڪجهه پوزيشنون هن سال به خالي ڇڏيون ويون آهن، جڏهن ته اعليٰ تعليم جي معيار تي مقابلو وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي۔

Share This Article
Leave a Comment