آمريڪي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف ايران سان جوهري ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ روانو

1 Min Read

واشنگٽن/سوئٽزرلينڊ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف ايران سان جوهري معاملن بابت ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ روانو ٿي رهيو آهي. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهي، جتي سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن.

ٻئي طرف گذريل ڏينهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي سوئٽزرلينڊ روانگي ملتوي ڪئي وئي هئي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته في الحال نائب صدر سوئٽزرلينڊ نه پيو وڃي.

وائيٽ هائوس موجب آمريڪا ايران سان ٽيڪنيڪل يا فني سطح جي ڳالهين جي جلد شروعات جو منتظر آهي. مبصرن موجب اسٽيو وٽڪوف جي سوئٽزرلينڊ آمد سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جوهري معاملن تي نئين سفارتي پيش رفت جا امڪان وڌي ويا آهن.

Share This Article
Leave a Comment