گمبٽ (رپورٽر) راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر مان ٽن ڊاڪٽرن سميت هڪ ملازم جي ڊگهي عرصي کان غير حاضر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آر ايڇ سي راڻيپور جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ طرفان تيار ڪيل رپورٽ ڊائريڪٽر گمس گمبٽ ڏانهن اماڻي وئي آهي، جڏهن ته اهڙو اطلاع ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر ڪليم الله شيخ کي پڻ ليٽر ذريعي ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب ڊاڪٽر فهد نور پهرين سيپٽمبر 2025 کان، ڊاڪٽر سڪندر علي سهتو پهرين نومبر 2025 کان، جڏهن ته ڊاڪٽر عائشه ڦل پهرين آڪٽوبر 2024 کان مسلسل غير حاضر آهن. ان کان علاوه آر ايڇ سي جو ڊرائيور خورشيد جتوئي به 9 اپريل 2026 کان ڊيوٽي تي حاضر ناهي.
ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ غير حاضر عملي خلاف ضابطي موجب ڪارروائي لاءِ سفارش ڪندي رپورٽ ڊائريڪٽر گمس گمبٽ ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڊگهي غير حاضري سبب راڻيپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي مريضن کي صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.


