اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون سڀاڻي 21 جون تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي نمائندن وچ ۾ هي اهم ملاقات منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جا وفد شرڪت ڪندا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جا نمائندا به ٽياڪڙ ۽ سهولتڪار جي حيثيت ۾ ڳالهين ۾ شامل هوندا، جڏهن ته پاڪستان مفاهمتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي اڳڀرائي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندو.
ترجمان موجب پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ تعميري سفارتي ڪوششن تي يقين رکي ٿو ۽ ان حوالي سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو.
هوڏانهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران پهچي ويو آهي، جتي هن ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سفارتي حلقن موجب سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ هي ملاقات خطي جي صورتحال ۽ آمريڪا-ايران لاڳاپن ۾ ممڪن اڳڀرائي جي حوالي سان اهم سمجهي پئي وڃي.


