گمبٽ (رپورٽر): سيٺارجا مان چار مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 10هين ڪلاس جي شاگردياڻي آصفا مغل جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران سيٺارجا کان خيرپور ايس ايس پي آفيس تائين شروع ڪيل پيادل مارچ گمبٽ پهچي ويو آهي.
پيادل مارچ ۾ شامل مغوي نياڻي جي والد، ڀاءُ ۽ ڀيڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار مهينا گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين سندن نياڻي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هنن چيو ته آصفا مغل صبح جو اسڪول لاءِ نڪتي هئي ته کيس اغوا ڪيو ويو، جنهن جي ايف آءِ آر لاڳاپيل ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس ڪو به سهڪار نٿي ڪري.
وارثن چتاءُ ڏيندي چيو ته هو پيادل مارچ ڪري ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهندا ۽ جيستائين نياڻي کي بازياب نه ڪرايو ويندو، احتجاج جاري رهندو. هنن سنڌ جي گهرو وزير ۽ آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي ته جيئن سندن خاندان جي بيچيني ختم ٿي سگهي.


