اسلام آباد/برڪن اسٽاڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اسلام آباد کان سوئٽزرلينڊ لاءِ روانو ٿي چڪو آهي، جتي هو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ فني سطح جي تاريخي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا.
هي ڳالهيون “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” تحت سوئٽزرلينڊ جي شهر برڪن اسٽاڪ ۾ ٿي رهيون آهن جنهن ۾ پاڪستان بنيادي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هي ڳالهيون اڳ ۾ گذريل جمعي تي ٿيڻيون هيون، پر لبنان جي تڪراري صورتحال سبب کين ملتوي ڪري هاڻي ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي.
ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي قيادت نائب صدر جي ڊي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايران پاران اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي شريڪ آهن. هن اجلاس جو بنيادي ايجنڊا ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ، ايران تان اقتصادي پابنديون هٽائڻ، منجمد اثاثن جي بحالي، ۽ هرمز جي پٽي سميت خطي ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ آهي.

وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان سوئٽزرلينڊ روانو
Leave a Comment Leave a Comment

