آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ 60 ڏينهن ۾ حتمي امن معاهدي تي اتفاق

3 Min Read

برجن اسٽاڪ/اسلام آباد/دوحا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ قطر جي ڪامياب سفارتڪاريءَ جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سئٽزرلينڊ جي تفريحي ماڳ برجين اسٽاڪ ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ڳالهيون وڏي اڳڀرائي سان پڄاڻي تي پهتيون آهن، جتي ٻنهي ملڪن ايندڙ 60 ڏينهن اندر حتمي امن معاهدو ڪرڻ جي روڊ ميپ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
هي تاريخي ڳالهيون ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صحيحن سان ٿيل “اسلام آباد معاهدي” جي تسلسل ۾ ٿيون آهن، جنهن جو مقصد گذريل ڪجهه مهينن کان جاري تڪرار کي ختم ڪرڻ آهي.

قطر ۽ پاڪستان جي گڏيل پڌرائي موجب، هن معاهدي تحت لبنان ۾ فوجي ڪارروايون فوري طور تي بند ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ڊي-ڪنفلڪشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ، هرمز جي پٽي مان واپاري جهازن جي محفوظ گذرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن به غلط فهمي کان بچڻ لاءِ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ 60 ڏينهن لاءِ سڌي هاٽ لائن قائم ڪئي ويندي.
ايراني پرڏيهي وزير تصديق ڪئي آهي ته هن معاهدي تحت ايران تان تيل ۽ پيٽروڪيميڪل جي برآمد تان پابنديون هٽايون وينديون ۽ سندن ڪجهه منجمد ٿيل اثاثا پڻ بحال ڪيا ويندا.

ڳالهين جي شروعات تي ٻنهي پاسن کان سخت بيان بازي پڻ ڏسڻ ۾ آئي، جتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي لبنان ۾ پنهنجي پروڪسيز ذريعي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ تي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏني، جنهن جي جواب ۾ ايراني چيف ڳالهيون ڪندڙ باقر قاليباف واشنگٽن کي هوشيار رهڻ جو چيو. پر ان جي باوجود، ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ڳالهيون عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجنديون، جڏهن ته هن آمريڪي قيادت ۽ پاڪستاني چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو.

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هن ملاقات کي هڪ تاريخي موڙ قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران ڊگهي مدي لاءِ ايٽمي هٿيارن جي خواهش تان هٿ کڻي ته آمريڪا لاڳاپا مڪمل طور تي بحال ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن فيلڊ مارشل عاصم منير جي سفارتي ڪردار جي کليءَ دل سان ساراهه ڪئي.

معاهدي تحت، حتمي امن قائم ٿيڻ کانپوءِ خطي جي ملڪن جي سهڪار سان ايران جي ٻيهر تعمير لاءِ 300 ارب ڊالرن جو هڪ وڏو ريڪنسٽرڪشن فنڊ پڻ جاري ڪيو ويندو. ٻنهي ملڪن جا فني وفد وڌيڪ پيچيده معاملن تي بحث لاءِ هن هفتي سئٽزرلينڊ ۾ ئي موجود رهندا.

Share This Article
Leave a Comment