ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو وڏ وزارت جي عهدي لاءِ بلڪل به خواهشمند ناهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرون کيس بدنام ڪرڻ جي هڪ سازش آهن.
ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه اڳواڻ ۽ اينڪرز پنهنجون وڊيوز وائرل ڪرڻ لاءِ بغير ڪنهن تصديق جي ڪجهه به لکي ڇڏيندا آهن، جنهن ٽي وي چينل وڏي وزير جي تبديلي جي ڪوڙي ڳالهه ڪئي آهي ان کان جواب گهريو ويو آهي. بجيٽ کان اڳ به 28هين ترميم تي پروگرام ٿيندا رهيا پر نتيجو ڪجهه به نه نڪتو.
صوبائي وزير ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ وڏي گڙٻڙ جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هڪ آفيسر پاران ٺيڪيدار کي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني طور ايڊوانس رقم جاري ڪئي وئي. هن چيو ته ان گڙٻڙ بابت سڀ کان اڳ مون پاڻ وڏي وزير کي شڪايت ڪئي هئي، جڏهن ته سيڪريٽري اسد ضامن مارچ ۾ لکت ۾ شڪايت ڏني هئي جنهن تي هاڻي ايڪشن ٿيو آهي.
ريڊ لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وچ شهر ۾ ڪم ڪرائڻ ڏکيو هوندو آهي، يوٽيلٽي ادارن پاران اين او سيز نه ڏيڻ سبب دير ٿي پر اسان نيڪ نيتي سان تيزي سان ڪم ڪرائي رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جا روڊ سٺا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي سبب وفاق جا روڊ خراب حالت ۾ آهن، جتي موٽرويز به ناهن ٺاهيا ويا.
ٽرانسپورٽرن جي هڙتال ۽ مطالبن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو قانون ٽوڙڻ ۽ ڏنڊ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي، قانون جي ڀڃڪڙي قطعي برداشت نه ڪبي.
صوبائي وزير چيو ته محرم الحرام جو احترام ڪندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شهيد راڻي جهڙي بهادر ۽ عظيم عورت سڄي دنيا ۾ نٿي ملي، جنهن جان جي خطرن جي باوجود 2007 ۾ ملڪ اچي عوام جي خدمت ڪئي ۽ عورتن جي ڀلائي لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز جهڙو تاريخي پروگرام ڏنو.
شرجيل ميمڻ اڄوڪي ڏينهن کي پاڪستان لاءِ تاريخي قرار ڏيندي چيو ته امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب سٺو سنوڻ آهي، جنهن تي صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ محسن نقوي کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان امن جو سفير آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪراچي ۾ ڪرايا آهن جن جي مڪمل فهرست موجود آهي، جڏهن ته اپوزيشن پاڻ ۾ ئي ڌڙابندي جو شڪار آهي ان ڪري مان کين اپوزيشن ئي نٿو مڃان.
پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير سنڌ اسيمبلي جي سينيئر ميمبر نعيم کرل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا پڻ ڪئي.


