ڪراچي ۾ نينگر تشدد بعد بيدردي سان قتل، پيءُ ۽ چاچو گرفتار

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سرجاني ٽائون جي علائقي لياري ٽيسر ٽائون سيڪٽر 36-بي ۾ 12 ورهين جي نينگر حيدر علي جي تشدد بعد موت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 پوليس موجب ڪيس مقتول جي ناني جي فرياد تي سندس والد ۽ چاچي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار اڳ ئي پوليس حراست ۾ آهن.

پوليس رڪارڊ موجب واقعي جو ڪيس نمبر 641/2026 تحت پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعات 302 سميت ٻين لاڳاپيل دفعات تحت داخل ڪيو ويو آهي.

مقتول جي ناني يعقوب پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هو سرجاني ٽائون جي ڪچي آبادي يوسف ڳوٺ جو رهائشي آهي ۽ روزگار جي سلسلي ۾ گلشن معمار ۾ ڪم ڪندو آهي. سندس چوڻ موجب کيس فون ذريعي اطلاع ملي ته سندس  ڏوهٽي حيدر علي کي والد اظهر ۽ چاچي سلطان گڏجي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

نانا موجب حيدر علي جي والد ۽ ماءُ جي وچ ۾ طلاق ٿي چڪي هئي، جنهن کانپوءِ ٻار ڪجهه وقت ناني وٽ رهيو، بعد ۾ والد کيس پاڻ وٽ وٺي ويو هو. مقتول ڪجهه عرصي کان سرجاني ٽيسر ٽائون واري علائقي ۾ والد سان گڏ رهندو هو.

نانا وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي اطلاع موجب نينگر کي تار سان ٻڌي سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو. پوليس موجب واقعي بعد ٻنهي نامزد جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

سرجاني ٽائون پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ حتمي نتيجا جاچ مڪمل ٿيڻ بعد سامهون آندا ويندا.

Share This Article
Leave a Comment