انساني عضوا وڪرو ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو رمانڊ منظور

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد مبينا طور انساني عضون جي غير قانوني خريد و فروخت جي ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڊيوٽي جج ميان اظہر نديم جي عدالت ۾ ايف آءِ اي طرفان پيش ڪيل جوابدارن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پنجن ئي ملزمان کي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گرفتار ٿيلن ۾ 3 غير ملڪي ۽ 2 پاڪستاني شهري شامل آهن.

ايف آءِ اي موجب ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي سيڪٽر F-7 ۾ هڪ گهر تي ڪارروائي ڪئي وئي هئي، جتي مبينا طور انساني عضون جي غير قانوني خريد و فروخت جو نيٽ ورڪ هلندڙ هو.

ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ انساني پلاسينٽا هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ تازو، خشڪ ۽ پراسيس ٿيل پلاسينٽا شامل هو. اختيارين موجب جوابدار مبينا طور اسپتالن مان انساني پلاسينٽا حاصل ڪري ان کي غير قانوني طور استعمال يا وڪري ۾ ملوث هئا.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ پڻ ڪئي پئي وڃي

Share This Article
Leave a Comment