بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ٻه ڪارروايون، 8 دهشتگرد مارجي ويا
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنيادن تي ٻه الڳ ڪارروايون ڪندي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪارروايون 25 ۽ 26 جون تي ڪيون ويون، جن دوران ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ گروهه “فتنه الہندوستان” سان لاڳاپيل دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب 25 جون تي خاران ضلعي ۾ دهشتگردن جي هڪ گروهه جي چرپر بابت ڳجهي اطلاع ملي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪئي. فوج جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا.
ٻئي ڏينهن، 26 جون تي، مستونگ ضلعي ۾ هڪ امڪاني آپگهاتي حملي آور جي موجودگي بابت انٽيليجنس اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي گهيرو ڪري ڪارروائي ڪئي، جتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ خودڪش حملي آور سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا.
بيان موجب ٻنهي ڪاررواين دوران دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد، آءِ اي ڊيز) ۽ موٽر سائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون، جيڪي مبينا طور سندن استعمال هيٺ هيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود وڌيڪ مبينا دهشتگردن جي ڳولا ۽ خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي ختم ڪري سگهجي.
عزمِ استحڪام تحت ڪارروايون
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل “عزمِ استحڪام” ويزن تحت پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪارروايون جاري رکندا.


