پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي اگهن جو جائزو وٺنداسين: وفاقي حڪومت

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت هن هفتي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي عالمي اگهن جو جائزو وٺندي ۽ عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي صارفين کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي.

پنهنجي بيان ۾ علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت نه ڪنهن هڪ شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي تي غيرضروري بار وجهي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي بين الاقوامي ذميوارين جي دائري ۾ رهندي عوام تائين هر ممڪن فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.

وفاقي وزير موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تحت هينئر تائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ مجموعي طور 200 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 155 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

علي پرويز ملڪ وڌيڪ چيو ته هن هفتي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي پليٽس (Platts) قيمت 98.35 ڊالر کان گهٽجي 91.68 ڊالر في بيرل تائين پهتي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي پليٽس قيمت 109.09 ڊالر کان گهٽجي 104.79 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ رهي.

Share This Article
Leave a Comment