ڄامشورو (باسط ملاح): سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا ڄامشورو کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ ٻيلن جي غيرقانوني ڪٽائي خلاف ڪارروائي ڪندي قيمتي ڪاٺ سان ڀريل 13 گاڏيون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻيلن جي تحفظ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر برڪت علي ڪلهوڙو پوليس سان گڏ آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران غيرقانوني طور وڍيل قيمتي ڪاٺ هٿ ڪيو ويو ۽ گرفتار جوابدارن کي نوري آباد ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
شروعاتي جاچ موجب جوابدار قيمتي وڻ وڍي انهن جو ڪاٺ مختلف علائقن ڏانهن وڪري لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا. وائلڊ لائيف کاتي جو عملو پڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جڏهن ته جوابدارن خلاف لاڳاپيل قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب هٿ آيل ڪاٺ جي ماليت لکين رپين ۾ ٻڌائي پئي وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو آهي ته کير ٿر نيشنل پارڪ جي ٻيلن، جهنگلي جيوت ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ غيرقانوني وڻ وڍيندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.


