گمبٽ (رپورٽر): گمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي تاج محل هوٽل وٽ هڪ تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هڻي ڇڏيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار خيرپور جي رهاڪو 17 سالن جي ناري فضا خاصخيلي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته مير الهيار خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي گمبٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ناري جي لاش ۽ زخمي کي کڻائي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ قانوني جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


