ڪراچي ۾ پٽ پنهنجي ويڳي ماءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ جوابدار پٽ پنهنجي ويڳي ماءُ کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، عورت کي بچائڻ لاءِ پهتل پاڙيسري به ڪهاڙي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪهاڙي هٿ ڪري ورتي آهي.

واقعو اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون نمبر هڪ سيڪٽر 6 اي عبدالله سوئيٽس شاپ واري گهٽي جي هڪ گهر ۾ پيش آيو.

ايس ايس پي طارق الاهي مستوئي موجب، مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ 50 ورهين جي فهميدا زال لطيف جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته سندس قاتل پٽ جي سڃاڻپ شوڪت علي پٽ لطيف جي نالي سان ڪئي وئي.

گرفتار جوابدار جي پيءُ مارجي ويل عورت سان 18 سال اڳ ٻي شادي ڪئي هئي، ظاهري طور تي اها ئي ڪاوڙ قتل جو سبب لڳي ٿي.

گرفتار جوابدار ۽ سندس ماءُ جو واسطو بهاولنگر سان ٻڌايو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment