نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) جونيئر سائنس ٽيچر ٽيسٽ پاس اميدوارن پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهري جي اڳواڻي موج علي جتوئي، نديم کوسو، مهتاب خاصخيلي، آفاق لاشاري ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جونيئر سائنس ٽيچر جون 8 هزار 725 خالي جايون فوري طور وڌائي ڀرتين جا آرڊر جاري ڪيا وڃن.
هنن چيو ته نئين ايس اين اي منظور ڪري ايليمينٽري، مڊل، هاءِ اسڪول ۽ اپگريڊ ٿيندڙ تعليمي ادارن ۾ وڌيڪ جونيئر سائنس ٽيچر مقرر ڪيا وڃن، جڏهن ته پاسنگ مارڪون به 40 مقرر ڪيون وڃن.
مظاهرين جو چوڻ هو ته هر سال هزارين استاد رٽائر ٿين ٿا ۽ هزارين اسڪول اپگريڊ ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري سائنس استادن جي سخت ضرورت آهي. هنن خبردار ڪيو ته مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.


