گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي قلندري هوٽل ويجهو تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن مردن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا..

واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويون. زخمين کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو.

ٽرالر جو ڊرائيور حادثي کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پوليس موجب، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment